محمد خان جوڻيجو

محمد خان جوڻيجو

جوڻيجو محمد خان

جوڻيجو، محمد خان: مشهور سياستدان ۽ ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو 18 آگسٽ 1932ع تي ضلعي سانگهڙ جي سنڌڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ انگلنڊ ويو، سينيئر ڪيمبرج جو امتحان لنڊن مان پاس ڪيائين ۽ انگلنڊ جي ’انسٽيٽيوٽ آف ايگريڪلچر‘ مان زراعت ۾ ڊپلوما ڪـيائيـن، وطـن واپس اچـي سيـاسـي زندگيءَ جو آغاز 1954ع ۾ ڊسٽرڪٽ بورڊ سانگهڙ جي چيئرمئن جي حيثيت ۾ چونڊجڻ بعد ڪيائين. 1962ع ۾ مغربي پاڪستان (ون يونٽ) اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ کيس بنيادي جمهوريت، افرادي قوت، محنت ۽ مواصلات جو وزير مقرر ڪيو ويو. مارچ 1969ع ۾ جڏهن جنرل يحيٰ خان ٻي مارشل لاءِ لڳائي، تڏهن وزارت تان استعيفيٰ ڏنائين. ذوالفقار ڀٽي جي دور ۾ (1971ع کان 1977ع تائين) سياست کان پري رهيو. 1978ع ۾ جنرل ضياءَ جي دور ۾ ٻيهر سياست ۾ آيو، پي. اين. اي جي ٻين رهنمائن سان گڏ هن کي به وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو، پر اهي سڀ 21 اپريل 1979ع تي وزارت کان الڳ ٿي ويا. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ جوڻيجو صاحب بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 20 مارچ تي قومي اسيمبليءَ جو افتتاحي اجلاس ٿيو، فخر امام کي اسپيڪر چونڊيو ويو ۽ 1973ع جي آئين ۾ هڪ ترميم ذريعي تڏهوڪي آمر جنرل ضياءُ الحق، محمد خان جوڻيجي کي وزيراعظم نامزد ڪيو. کيس 60 ڏينهن جي اندر قومي اسيمبليءَ مان اعتماد جو ووٽ وٺڻو هو، جيڪو هن آسانيءَ سان حاصل ڪري ورتو. هن 23 مارچ تي قومي اسيمبليءَ ۾ پهرئين ئي خطاب ۾ صاف صاف چئي ڇڏيو ته جمهوريت ۽ مارشل لا گڏ نه ٿيون هلي سگهن. اتان کان ئي ضياءَ الحق ۽ سندس وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا، بعد ۾ اهي اختلاف تمام گهڻو وڌي ويا. اٺين ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ وزيراعظم تي خاص دٻاءُ وڌو ويو، موٽ ۾ محمد خان جوڻيجي جي ڪوشش سان 30 ڊسمبر 1985ع تي جنرل ضياءَ پاڪستاني تاريخ جي ڊگهي مارشل لا ۽ هنگامي حالتون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. افغانستان جي مسئلي بابت به ٻنهي ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. جوڻيجو روسي فوجن جي مرحليوار واپسي جو قائل هو، جڏهن ته ضياءَ الحق فوراً واپسيءَ جو حامي هو. پهرين اپريل 1988ع تي ان مسئلي تي منعقد ٿيڻ واري جنيوا ڪانفرنس کان پهرين هن ”آل پارٽيز ڪانفرنس“ گهرائي، جنهن ۾ جنرل ضياءَ جي شديد مخالف محترمه بينظير ڀٽو به شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ جوڻيجي جي پاليسين جي حمايت ڪئي وئي. 10 اپريل 1988ع تي راولپنڊيءَ ۾ اوجهڙيءَ ڪيمپ وارو حادثو پيش آيو. (اوجهڙي ڪيمپ افغانستان مجاهدين جي هٿيارن جو وڏو ذخيرو هئي) ان سانحي سبب راولپنڊي ۽ اسلام آباد جا 100 ماڻهو فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا ۽ ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو. محمد خان جوڻيجي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل عمران الله جي سربراهيءَ ۾ هڪ جاچ ڪميٽي مقرر ڪئي، جنهن جي ترتيب ڏنل رپورٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ وفاقي ڪابينا جي پنج رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي. ڪميٽيءَ جي رپورٽ ۾ حادثي ۾ چند وڏن فوجي آفيسرن کي ذميوار قرار ڏنو ويو، ان تي صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ اختلاف اڃا به وڌيڪ تيز ٿي ويا، جڏهن وزيراعظم جوڻيجو، چين، ڏکڻ ڪوريا، فلپائين ۽ هانگ ڪانگ جو دورو ڪري اسلام آباد پهتو ته انهيءَ ڏينهن (29 مئي 1988ع) تي اٺين ترميم هيٺ سندس ڪابينا ۽ اسيمبليءَ کي ختم ڪيو ويو. ان بعد کيس مسلم ليگ جي صدارت تان به هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هن عهدي کي ڇڏڻ کان صاف انڪار ڪيو، ان تي مسلم ليگ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، مسلم ليگ نواز گروپ ۽ مسلم ليگ جوڻيجو گروپ. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته 1988ع وارين چونڊن ۾ مسلم ليگ کي بريءَ طرح شڪست ملي، ايستائين جو خود جوڻيجو صاحب به هارائي ويو، البته آڪٽوبر 1990ع جي عام چونڊن ۾ هيءُ ٻيهر قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. محمد خان جوڻيجو مخلص ۽ قابل سياستدان هو، کيس ڪينسر جو عارضو ٿيو ۽ 18 مارچ 1993ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.08.18  عيسوي

مشهور سياستدان ۽ ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو 18 آگسٽ 1932ع تي ضلعي سانگهڙ جي سنڌڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو.


1993.03.18  عيسوي

محمد خان جوڻيجو مخلص ۽ قابل سياستدان هو، کيس ڪينسر جو عارضو ٿيو ۽ 18 مارچ 1993ع تي وفات ڪري ويو.


2020.03.30  عيسوي

سنڌ جي هن ٻھڳڻي انسان عبدالقادر جوڻيجي 30 مارچ 2020ع تي هي جھان ڇڏيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽالمي
چاڪر خان راڄڙ
انور سيال
درازي سخي قبول محمد اول
شائق واڌو مل لالچند لعل
شيخ مجيب الرحمان
طالش
جمال فقير خاصخيلي
ٽوبياس مائيڪل ڪارل ايسر
شيخ مومل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون